YouVersion Logo
Search Icon

متي 1

1
عيسيٰ مسيح جو شجرو
(لوقا ۲۳‏:۳‎–۳۸)
1ھي عيسيٰ مسيح جو شجرو آھي، جيڪو دائود ۽ ابراھيم جو اولاد آھي.
2ابراھيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يھوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 3يھوداہ کي سندس زال تمر مان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا، فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان راما پيدا ٿيو. 4راما مان عميناداب پيدا ٿيو، عميناداب مان نحشون پيدا ٿيو ۽ نحشون مان سلمون پيدا ٿيو. 5سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو. 6يشيءَ مان دائود بادشاھہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انھيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پھريائين اورياہ جي زال ھئي. 7سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو. 8آسا مان يھوشافاط پيدا ٿيو، يھوشافاط مان يورام پيدا ٿيو ۽ يورام مان عُزياہ پيدا ٿيو. 9عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آحز پيدا ٿيو ۽ آحز مان حزقياہ پيدا ٿيو. 10حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسي مان آمون پيدا ٿيو ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو. 11#۲.با ۱۴‏:۲۴‎–۱۵، ۲.توا ۱۰‏:۳۶، ير ۲۰‏:۲۷ جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.
12انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتي⁠ايل پيدا ٿيو ۽ شئلتي⁠ايل مان زربابل پيدا ٿيو. 13زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو، ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو. 14عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو. 15اليئود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو. 16يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس ھو ۽ انھيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.
17اھڙيءَ طرح ابراھيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏھن پيڙھيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏھن پيڙھيون ٿيون ۽ بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏھن پيڙھيون ٿيون.
عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ
(لوقا ۱‏:۲‎–۷)
18 # لو ۲۷‏:۱ عيسيٰ مسيح جي پيدائش ھن ريت ٿي جو جڏھن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل ھو پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي ھئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آھي. 19ھن جو مڱيندو ھڪ نيڪ ماڻھو ھو، تنھنڪري ھن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“ 20پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي. 21#لو ۳۱‏:۱ ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو #عيسيٰ: ھي يوناني ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”ڇوٽڪارو ڏيندڙ“.عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“
22اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ
23 # يس ۱۴‏:۷ ”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي،
۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“
24سو جڏھن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏھن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو ھوس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان ئي شادي ڪيائين. 25#لو ۲۱‏:۲ پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس ھٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.

Currently Selected:

متي 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy